Karachi Neighborhood Improvement Project

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

تعارف

:پراجيڪٽ جو پسمنظر

سنڌ صوبي ۾ معيشت توڙي بيهڪ جي حوالي سان ڪراچي شهر پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هيءُ شهر ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، جيڪو قومي اُپت جو 15 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو. 1998 جي آدمشماري موجب شهر جي آبادي 11.3 ملين هئي، جيڪا هن وقت لڳ ڀڳ 22 کان 24 ملين تي وڃي پهتي آهي. ماڻهن جو وڏو انگ ٻين علائقن ۽ شهرن مان آيو آهي. آبادي جي وڌندڙ انگ شهر جي بنيادي جوڙجڪ ۾ وڏي تبديلي آندي آهي، جنهن جا شهر جي سياست، سماجي ڍانچي ۽ حڪومت تي وڏا اثر پيا آهن.

20152016- ۾ ورلڊ بئنڪ پاران شهر جي معيشت، آبادڪاري، ۽ اهم شهري ڍانچي بابت جامع انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ بهترين اپاءَ وٺندي ڪراچي سٽي ڊائگنوسٽڪ سروي ڪرايو ويو. ڪراچي سٽي ڊائگنوسٽڪ سروي ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ريجن ۾ معاشي آزمائشن ۽ گنجائش جي حوالي سان بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ معاشي اهليت وڌائڻ بابت جائزو پيش ڪيو ويو. ان سروي جي نتيجن ۽ سفارشن جي اسٽيڪ هولڊرس/واسطيدارن جي وڏي انگ پٺڀرائي ڪئي جن ۾ سرڪاري هم منصبن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، استاد برادري، پرائيويٽ سيڪٽر جا ماڻهو ۽ عورتن جا نمائندا شامل هئا. جن شهر جي بهتري لاءِ گهڻ مدتي منصوبن جي ضرورت تي زور ڀريو.

ڪراچي سٽي ڊائگنوسٽڪ سروي پاران شهر جي منجهائيندڙ سياسي ۽ سماجي قالب کي مد نظر رکندي شهر جي گهُرجن ۽ آزمائشن کي نبيريو وڃي. ان ڏس ۾ ڪراچي کي ڪنهن هڪ رٿا يا منصوبي ذريعي عام شهر مان ڪنهن عاليشان، وڻندڙ، اپت ڀرئي ميگا سٽي ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي. شهر جي ضرورتن؛ جن ۾ بهتر پاليسي سازي، اداراتي ڪار وهنوار ۽ بنيادي ڍانچي جون گهرجون شامل آهن؛ جي روشني ۾ عالمي بئنڪ ڪراچي جي بهتري لاءِ حصيداري ۽ لاڳاپيل سرڪار سان ٻه طرفي رضامندي لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن. ان ڪري مجوزه پروجيڪٽ ڪراچي جي ڏس ۾ عالمي بئنڪ سان گهڻ مدتي حصيداري بابت حڪمت عملي جي ابتدا آهي

:پراجيڪٽ جو ويزن/تصور

هن منصوبي جو اصل تصور يا خيال ڪراچيءَ کي هڪ وڌيڪ لاڀائتي، رهڻ لائق ۽ اپت ڀرئي ميگا سٽي ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

:پراجيڪٽ جا تفصيل

ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ جو اصل مقصد ڪراچيءَ جي چونڊيل علائقن ۾ گهربل سهولتون ڏيڻ ۽ انتظامي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي

:هن منصوبي جا هي اهم ٽي عنصر آهن

ڪراچيءَ جي چونڊيل/مخصوص علائقن جي عوامي هنڌن تي اچ وڃ جي بهتري –
شهري سهولتن، سروسز ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سهڪار –
عمل درآمد ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ سان سهڪار –

Close Menu