Karachi Neighborhood Improvement Project

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

ڪامپونينٽ/ڀاڱو 2

سڌريل انتظامي سهولتن ۽ شهر جي گُنجائش جي ترقيءَ ۾ سهڪار

هن جُز جو مقصد جُز 1 جي سِيڙپن جي پائيداري، شهر جي بهتر شهري انتظامن جي پيڙھ وجهڻ ۽ ڪراچي ۾ چونڊيل شهري سهولتن جي پائيداري آهي. ذيلي منصوبو سٺي ڪاروباري ماحول جي تعمير ڪندو، صوبائي سطح تي عوامي خدمت گذارن جي حڪومتي ڪارڪردگي کي سڌاريندو ۽ شهري حڪومت ۽ نگراني جي عمل، شهري رهڻي ڪهڻي ۽ بهتر سماجي اِشتمال کي سُڌاريندو.

ڪراچي ۾ تعميراتي ڪمن لاءِ اجازت نامن جو خودڪار نظام ۽ ڪاروبار جو اندراج

ذيلي منصوبي ۾حڪومتِ سنڌ جي صوبائي اليڪٽرانڪ ون اسٽاپ شاپ سسٽم جي تعمير شامل هوندي، جنهن ۾ هڪڙي گڏيل ويب پورٽل پڻ جوڙيو ويندو، جنهن کي هڪڙي مرڪزي ڊيٽابيس وسيلي هلايو ويندو جيڪو پنهنجي معلومات صوبائي کاتن جهڙوڪ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن، ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن،ليبر ڊپارٽمينٽ، انڊسٽريز ۽ ڪامرس ڊپارٽمينٽ بزنس جي لائسنن لاءِ ۽ انهن جي رِي ـ لائسننگ لاءِ ٻين صوبائي ايجنسين وسيلي هلايو ويندو، ان سموري ڪارونهوار جي ميزباني سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ ڪندو . ذيلي منصوبو تعميراتي اجازت نامن جي خودڪار طريقيڪار لاءِ شين ۽ سهولتن جا مالياتي مامرا هلائيندو جنهن ۾ انسپيڪشن وارين سهولتن کي بهتر بڻائڻ،صنعتي تجارتي عمارتن لاءِ جدا ڪائونٽر کولڻ ۽ مربوط عوامي سهولت، شڪايتن جو انتظام ۽ حل ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ شامل آهي. اهو تخمينو ڪيو ويو آهي ته اهڙا سڌارا اڳ ئي هلندڙ ڪاروبار کي5 فيصد وڌائي سگهن ٿا

شهر جي بهتر انتظام لاءِ بنيادَ وجهڻ 

هِي ذيلي منصوبو ڪي ايم سِي لاءِ هڪڙي “مربوط مالياتي انتظام جي اطلاعات واري نظام” کي پڻ مالي سهائتا فراهم ڪندو. سموري شهر جي چڪاس لاءِ مالياتي مدد پڻ هِن ۾ شامل آهي ته جيئن ڪمپيوٽر تي مشتمل ٽيڪس جو هڪڙو بنياد جوڙي سگهجي، بهتر آنلائن پليٽ فارم جي نموني سازي ۽ نفاظ پڻ هن رٿا جو حصو هوندو. ان کان علاوھ، اهو ڪي ايم سِي ۽ ٻئي حصيدار يعني ڊيم ايم سِيز (DMCs) لاءِ مالياتي مدد ڪندو ته جيئن شهر جي انتظام، بجيٽ، منصوبا بندي، خدمتن ۽ منتخب ڪيل بلدياتيا ُجورن ۽ محصولن / ڍلن بابت ڪمپيٽر ۽ انٽر نيٽ وسيلي شهرين کي پهريان کان بهتر نظام فراهم ٿئي. ڪي ايم سِي “جيئن آهي” جي بنياد تي هڪڙو جائزو ورتو آهي ۽ هڪڙي قابلِ فهم (IFMIS) جي لاءِ ان “ڪيئن هجڻ گهرجي” ۾ڪاروبار جي حدف وارن طريقيڪارن جي نئين سر نموني سازي جي تياري ورتي آهي. نفاظ واري مرحلي ۾ منظور ڪيل بجيٽ جي درآمد ڪرڻ لاءِ هڪڙو ذريعو شامل هوندو ۽ (IFMIS) تي ڊيٽا چاڙهڻ پڻ ان جو حصو هوندو ته جيئن يادگار ڏيتين ليتين ۽ خبر ڏيڻ لاءِ هڪڙو منظم رستو فراهم ڪري سگهجي؛ صارف سان هم ساز ويب وارو نقطهءِ اِتصال جيڪو مالياتي معلومات / ڊيٽا کي بر وقت حڪومت جي کُليل اعداد وشمار (Data) جي سهائتا کي پيش ۽ منتقل ڪرڻ جي صلاحيت سان سرشار هوندو، جيڪوحڪومت جي وڌندڙ شفافيت جي مکيه وسيلن منجهان هڪ وسيلي طور نروار ٿيو آهي؛ وقفي وقفي سان سافٽ ويئر جا اَپڊيٽس؛ ٽين ڌر/ فريق جون درخواستون ۽ ڊيٽابيس؛ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان رقمن جي منتقلي لاءِ ٻن سرشتن درميان ميلاپ؛ ايس اي پِي (SAP) تي مشتمل مالياتي ڏي وٺ جو تفصيل نامو(Financial Accounting) بجيٽ جو پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي سرشتو (FABS) پڻ موثر بڻايو ويندو

ابتدائي ڪمن ۾ شامل آهي

  • ڪي ايم سي جي ڊيٽا سينٽر کي وڌائڻ ته جيئن اهو ٽائر4 پرائمري ڊيٽا سينٽ جو ڪم ڪري سگهي
  • موجوده ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ( ٽن سالن جوسنڀاليل ڊيٽا)
  • لوڪل ايريا نيٽ ورڪ ۽ وائيڊ ايريا نيٽ ورڪ جو تحفظ
  • ڪاروباري تسلسل کي منظم ڪرڻ ۽ ريڪوري ٽائيم آبجيڪٽو توڙي ريڪوري پوائنٽ آبجيڪٽو جي بنيادن تي ڊزاسٽر ريڪوري پلان جوڙڻ

ڪي ايم سِي (KMC)سالياني مرمت لاءِ فنڊ فراهم ڪندي ۽ اها(IFMIS) جي استعمال ۽ پائيداري لاءِ پنهنجن وسيلن مان مالي سهڪار ڪندي. ڪي ايم سِي مختلف اثاثن جهڙوڪ روڊن، ڪشادن پارڪن، اسپتالن / شفا خانن ۽ صحت جي ٻين سهولتن، عوامي ۽ شهري استعمال وارين عمارتن، فائر برگيڊ وغيره جي نگراني ڪري ٿي، انهن کي هلائي ٿي ۽ انهن جي مرمت پڻ سندس ذمي آهي. هي ڀاڱو “عوامي اثاثن جي انتظام واري سرشتي” (Public Asset Management System”جي مالي مدد ڪندو جنهن ۾ ڪي ايم سِي وٽ اثاثي جي انتظام واري سرشتي تحت مختلف اثاثن جي نموني گَرِي ۽ بهتري شامل آهي. جڏهن ته ڪي ايم سِي جي انتظامن هيٺ هلندڙ بلدياتي اثاثن ۽ بنيادي ڍانچن جي بهتري ۽ انهن کي درست انداز سان هلائڻ ۽ ڪي ايم سي جي اسٽاف کي مينيوئل جي سکيا ڏئي اهو انهن جي حوالي ڪرڻ آهي ته جيئن ان سان ديرپا نتيجا حاصل ڪري سگهجن

هِي ذيلي منصوبو پنهنجي اپت (OSR)گڏ ڪرڻ جي سُڌاري تي ڌيان ڏيندو. بلدياتي سَرفِي محصول / ڍل ڪي ايم سِي لاءِ خودڪار آمدني خاطر هڪڙي اهم توانائي / سگھ / صلاحيت / قابليت آهي. اها هڪ اهڙو محصول آهي جيڪا رهائشي، تجارتي / ڪاروباري، ۽ زمين جي ٻين واهپن تي لاڳو ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪيترن ئي بلدياتي خدمتن خاطر فنڊ فراهم ڪري سگهجن. هِن علاقائي/ مڪاني ڍل منجهان هڪڙي پائيدار انداز سان اوڳاڙيون وڌائڻ جي اُتي مناسب صلاحيت موجود آهي. ڪي ايم سِي وٽ هڪڙو اڻپورو ويب پارٽل آهي؛ جنهن جو شهرين سان ڪو ڳانڍاپو ڪونهي. اهي مشغلا ماليات فراهم ڪندا : ڪي ايم سِي لاءِ هڪڙي ويب تي ٻڌل پليٽ فارم جي نموني سازي ۽ اوسر لاءِ ته جيئن عوام کي ڄاڻ تائين رسائِي ملي (شهر جي انتظام، بجيٽ، منصوبا بندي بابت ڄاڻ)، خدمتن تي ماڻهن پاران ڏنل موٽ کي گڏ ڪرڻ ۽ چونڊيل بلدياتي اُجرتن ۽ ڍلن لاءِ برقياتي ادائگي کي سئولو ڪرڻ. هيءُ ٻن سالن واري طويل عوامي جاڳرتا لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ شهر جي پروگرامن ۽ مشغلن لاءِ موثر منصوبو هوندو 

Close Menu