Component 1 – Karachi Neighborhood Improvement Project

Karachi Neighborhood Improvement Project

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

ڪامپونينٽ/ڀاڱو 1

چونڊيل پاڙن اندر عوامي هنڌن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سڌارا

هن ڪامپونينٽ/ڀاڱي جو مقصد عوامي هنڌن جي افاديت، حفاظت ۽ دلڪشيءَ ۾ اضافو ڪرڻ، آزاد چر پر ۽ عوامي رستن ۽ راھ رَوِي جي سلامتي ۾ سُڌارو آڻڻ آهي. اِطمينان بخش عوامي هنڌَ ڪراچيءَ جي رهواسين جي معيارِ زندگي لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. اهي سڌي سنئين طور تي ڪيترن ئي رهواسين جي روزگارن کي سهارو فراهم ڪندا جهڙوڪ وڪڻدڙن / وِڪرو ڪندڙن کي، اهڙا هنڌَ / جايون تفريح لاءِ ايراضيون فراهم ڪنديون جيڪي مختلفماڻهن منجھ مثبت سماجي ميل جول فراهم ڪنديون. منصوبو / رِٿا بين الااقوامي ٽيڪنيڪي معيارن مطابق هوندو ۽ اهو عوامي هنڌ ۽ آزاد چُر پُر جي سڌاري جي لحاظ کان پهريان کان موجود قطار(ROW) جي اندر بهترين عمل درآمد هوندو ۽ انهن معيارن توڙي آيل راين ۽ تجويزن کي ڌيان ۾ رکندي تشڪيل ڪيو ويو آهي جيڪي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشاورت دوران گڏ ڪيون ويون. پهرين ڀاڱي 1 هيٺ ٽن علائقن ۾ سيڙپ ڪئي ويندي :صدر جو مرڪزي علائقو، ملير ۽ ڪورنگي ۽ انهن علائقن جي ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائن وسيلي نگراني ڪئي ويندي. اهي علائقا حڪومت پاران واسطيدارن سان صلاح مشوري بعد هيٺين معيارن تحت منتخب ڪيا ويا آهن

  • اهي ايراضيون جيڪي رهائش جوڳن هنڌن تي منصوبي جي اثر کي ڏيکارڻ لاءِ اعليٰ قابليت سان سرشار هجن
  • عوامي هنڌن تي هلندڙ توڙي مستقبل ۾ ٿيندڙ سيڙپن سان ڀريل هجن (بشمول (BRTS) ۽ بيروني گروهن پاران ثقافتي ماڳن جي نئين سر ترقي)
  • پهريان کان گهٽ پُروڙيل ناڪاري سماجي ۽ ماحولياتي اثرَ
  • قوميت ۽ سياسي توازن
  • گهٽ آمدن ۽ هيٺين طبقي وارن گروهن سان لھ وچڙ ۾ اچڻ جي قابليت

عوامي هنڌن تي ڪامياب سيڙپ کي شهر جي بهتري لاءِ هڪڙي اهم عمل انگيزي طور ڏٺو وڃي ٿو

هيٺين سطح واري سيڙپ ان کي يقيني بڻائيندي ته منصوبو لوڪن جي تقاضائن کي پورو ڪري رهيو آهي ۽ اها منصوبي جي علاقائي مالڪي جي ڏس ۾ سهائتا ڪندي، جيڪا ڊگهي مدت لاءِ منصوبي پائيداري لاءِ لازمي آهي. معياري عوامي هنڌن ۽ گهٽين جي ٺاهه جوڙ سرمايي جي بهترين انتظام ۽ ڪفالت جي ضرورت کي يقيني بڻائيندي. هر هڪ پاڙي (ننڍڙي جُزي / حصي / ڀاڱي) منجھ، مخصوص دخل اندازين وارن ذيلي منصوبن جو انتخاب ڪيو ويندو ۽ انهن جي هڪڙي فريم ورڪ واري ايپروچ وسيلي نموني سازي ڪئي ويندي. ذيلي منصوبن جي ڇنڊ ڇاڻ واري ڪرائٽيريا ۾ شامل آهي

  • عوامي هنڌن تي راهگير عورتن، نوجوانن ۽ لاچارن لاءِ جڳهين کي ڪشادو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ
  • منصوبي جي مجموعي رهنما اصولن ۽ شهرين جي ٻڌايل گهرجن سان هم آهنگي/سهڪار ڪرڻ
  • منصوبي کي ڪٿيل وقت دوارن پورو ڪرڻ ته جيئن علائقي ۾ هاڪاري اثر نظر اچي
  • معاشي نتيجه خيزي پئدا ڪرڻ؛ پر اهڙي نموني جو ان سان ڪوبه غير واسطيدارماحولياتي يا سماجي اثر نه پوي

:متوقع فائدا

ماحولياتي سڌاري، بنيادي ڍانچي جي بحالي / برقراري ۽ سماجي ميل جول خاطر جڳهين جي جوڙ جڪ ذريعي؛ توقع آهي ته منصوبواوڙي پاڙي ۾ رهڻ جي معيار کي مٿاهون ڪندو

اهو اڳ ئي موجود ثقافتي، سماجي ۽ تفريحي سهولتن ۾ پڻ اضافو ڪندو جيڪو لاڳاپيل اڏاوتن ۽ هنڌن کي پڻ بهتر بڻائيندو؛ جهڙيءَ ريت انهن کي عوامي هنڌ تي دخل اندازي ڪندڙ نموني لاءِ ڪتب آڻيندي تيز تر ڪيو ويندو اهي اُنهن جِي اجتمائي شموليت، قابلِ رسائِي، محفوظ ۽ فرحت بخش نمونن سان تصوير ڪشِي ڪئي ويئي آهي؛ جيڪا اڏاوتن بجاءِ جاين جي تخليق تي منحصر آهي. ان سان عوامي جائزي واريون مقصود منزلون اهڙيءَ ريت اُڻبُيون / مڙهبيون جنهن سان سُڌاريل عوامي لنگھن کي ترقي وٺرائي سگهبي ۽ گردشي نمونن جي سهولت سان جيڪي پنهنجي نوعيت ۾ بجاءِ موٽر تي هلڻ جي پيدل آهن ــ انهن ٻنهي کي رستي جي سُڃاڻپ ۽ گهٽيءَ سان مليل فرنيچر سان آراسته ڪيو ويندو جيڪو گهمڻ ڦرڻ ۾ مدد ڪندو. ان کي علائقي جي معنيٰ خيز تاريخي ورثن، ڪثير ثقافت، سکيا، عوامي خدمت لاءِ اهڙيءَ ريت ترتيب ڏنو ويندو جنهن سان سٺا نتيجا سامهون ايندا ــ عوامي هنڌ جي دخل اندازين واري نموني سان جيڪو اهڙي قسم جون خاصيتون رکي ٿو؛ جنهن سان شهرين کي خوشگوار تجربا ٿين ٿا اهي سڌريل رستي، فرحت ۽ ماحول جي پائيداري مان مزو ماڻي سگهن ٿا. ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم طور تي، ان ۾ اهڙا حصا / ڀاڱا شامل هوندا جتي ڳلين جي فرنيچر کي سُڌاريو ويندو ته جيئن پير واٽن، وڻڪاري، گاڏين جي اچ وڃ جي نئين سر رستي بندي کي آسان بڻائي سگهجي ۽ گاڏين جي پارڪنگ سان اوسي پاسي وارو ماحول به متاثر نه ٿئي ۽ عوامي سهولتن ۾ به ڪو رُخنو نه اچي

Close Menu