ڪامپونينٽ/ڀاڱو 3
نفاظ ۽ ٽيڪنيڪي معاونت لاءِ سهڪار
هي جزو ٽيڪنيڪي معاونت ۽ منصوبي جي عمل در آمد واري ايڪي (PIU) جي مشاورتي خدمتن ۽ ڪراچي ٽرانسفارميشن اِسٽيئرنگ ڪاميٽي تي ڌيان مرڪوز ڪندو. اهو خاص ڄاڻ جي مهارت، بين الااقوامي مٽا سٽا ۽ مشاورتي خدمتن کي حرڪت ۾ آڻڻ جي دستيابي ڪندو ته جيئن شهر جي خوشحالي، رهڻي ڪهڻي، ۽ معيار زندگي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ آئيندي لاءِ سيڙپن لاءِ راهه هموار ڪري خاص حڪمت عملي وارا گهربل سڌارا آڻيندو ته جيئن حڪومتِ سنڌ جي ڪارڪردگي سامهون آڻي سگهجي. حڪومتِ سنڌ پاران کنيل اهڙو قدم جنهن سان ڪراچي نيبرهُوڊ امپُرومينٽ پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي ويئي آهي اهو آئيندي لاءِ اسان جي شهري ترقي ۽ واڌ ويجھ لاءِ هڪڙو اهم سنگِ ميل آهي. ايل جِيز (LGs)، ۽ ڪي ڊي جي ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو، سِٽي ٽريفڪ پوليس، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي، لاڳاپيل ايجنسين ۽ اسٽيڪ هولڊرن جي تعاون سان ۽ پارڪنگ مينيجمينٽ کي سامهون رکي هي قدم شامل هوندا
- صدر جي مرڪزي علائقي لاءِ پارڪنگ جو جامع پلان تيار ڪرڻ
- ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي لهه وچڙ سان علائقي ۾ ابتدائي طور تي ٻن هنڌن تي پيڊ پارڪنگ جي منظوري
- چارجڊ پارڪنگ کي سنڀالڻ لاءِ متبادل طريقن جي تجويز ڏيڻ
- مخصوص علائقن ۾ چارجڊ پارڪنگ لاءِ تفصيلي پروگرام جي تياري