FAQs – Karachi Neighborhood Improvement Project

Karachi Neighborhood Improvement Project

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

ENGLISH   |   URDU   |   SINDHI

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ

منصوبي بابت امڪاني سوال ۽ انهن جا جواب

ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ جو اصل مقصد ڪراچيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ، ۽ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لاڀائتو ميگا سٽي بڻائڻ آهي. منصوبي جو اصل زور ڪراچي جي چونڊيل علائقن ۾ عوامي هنڌن جي بهتري، جي حوالي سان شهر جي گنجائش وڌائڻ ۽ انتظامي سهولتن، عمل درآمد ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ سهڪار ڪرڻ آهي.

منصوبي جي ڪٿيل مدت چار سال آهي.

منصوبي جي لاءِ رکيل ڪل رقم 98 ملين يو ايس ڊالر آهي.

سندھ حکومت نے کراچی میں تبدیلی کی حکمت عملی کو فروغ دینے اور پانی کی فراہمی اور حفظان صحت، نقل و حمل میں سماجی اقتصادی بنیادی ڈھانچے اور سروس کی ترسیل کو بہتر بنانے کے مقصد سے ایک بہتر، سبز اور محرک میٹروپولیٹن شہر کو بنانے کے لئے کراچی کو تبدیل کرنے کا تہیا کیاہے.،اس حکمت عملی کی بنیاد پر کراچی نیبرہڈ امپروو منٹ پراجیکٹ کی منصوبہ بندی کی گئی ہے۔

ڪامپونينٽ 1: چونڊيل ويجهن علائقن ۾ عوامي هنڌن ۽ اچ وڃ جي بهتري؛ هن تحت چونڊيل علائقن (جن ۾ صدر، ملير ۽ ڪورنگي شامل آهن) ۾ عوامي هنڌن ۽ راهگيرن جي سهولت لاءِ طريقه ڪار جوڙيو ويندو

ڪامپونينٽ 2: انتظامي سهولتن ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ سهڪار ڪرڻ؛ هن تحت ايس بي سي اي SBCA جي لاءِ ون ونڊو فيسلٽي جي تياري ۾ مدد ۽ IFMIS توڙي KMC جي بهتر انتظامي ڍانچي لاءِ پيڙهه جو پٿر رکڻ آهي

:ڪامپونينٽ 3: درآمد ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ سان سهڪار ڪرڻ

هن منصوبي KNIP ۾ صدر، ملير ۽ صدر وارا علائقا شامل آهن

سرڪاري ادارن، مقامي تاجر ڪميونٽي، تعليمي ادارن، شهري ادارن، مڃيل اين جي اوز، سول سوسائٽي، صنعتڪار نمائندن، گهٽ جاتي ۽ لاچارن لاءِ جوڙيل تنظيمن سان صلاح مشورو ڪيو ويو

تعميراتي ڪم دوران منصوبي جي ويجهو ئي ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچي ٽريفڪ پلان تيار ڪندا ته جيئن ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي

هيءُ منصوبي هيٺين ريت عورتن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.

راءِ جي ڏس ۾: سڀني واسطيدار ۽ مشاورتي گڏجاڻين ۾ عورتن کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن سندن راءِ ڄاڻي سگهجي

رسائي ۽ اچ وڃ جي بهتري جي ڏس ۾: منصوبي جا مختلف رخ آهن، جن ۾ روڊن ۽ پارڪن جي تعمير شامل آهن، عوامي هنڌن تي عورتن کي اچ وڃ ۽ ويهڻ لاءِ سيٽن جي ڏس ۾ آساني ٿيندي. صدر جي پارڪنگ پلازا ۾ عورت جي گاڏين لاءِ الڳ جاءِ مخصوص ڪئي ويندي

حفاظت جي ڏس ۾: عورتن جي تحفظ جي ڏس ۾ منصوبي وسيلي اسٽريٽ لائٽن، پيليڪن ڪراسنگ، روڊ جي گهربل ۽ مناسب اشارن، پارڪن ۽ ٻين هنڌن تي عورتن لاءِ الڳ واش رومس، بس اسٽينڊ ۽ ٻين هنڌن تي عورتن جي ويهڻ لاءِ الڳ بندوبست ڪيو ويو آهي

ورلڊ بئنڪ جي ماحولياتي ڪيٽيگري جي حوالي سان هيءُ منصوبو ‘بي ڪيٽيگري’ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته هيءُ منصوبو مرمت، ٻيهر آبادڪاري ۽ موجود ڍانچي تي نئين جوڙجڪ واري زمري ۾ اچي ٿو.انڪري ماحولياتي ۽ سماجي اثر ڪجهه گهٽ پوندو، جنهن کي اڃان به مناسب سطح تائين ڪري سگهبو

انوائرنمينٽل ۽ سوشل مينيجمينٽ پلان ESMP هڪ اوزار نما آهي، جنهن جا تفصيل هي آهن،

(الف) منصوبي جي تعمير دوارن ماحولياتي اثرن کي گهٽائي ان کي قبوليت جو ڳو بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ

(ب) انهن اپائن تي عمل درآمد لاءِ قدم کڻڻ

هن منصوبي لاءِ ‘ٿري ٽائر’عمل در آمدي ۽ مانيٽرنگ مڪينيزم جوڙيو ويو آهي. ESMF جي نگراني ۽ عمل درآمدي توڙي ماحولياتي ۽ سماجي ڏس ۾ مختلف ماملن جي سار سنڀال PIU جي بلي آهي. جن انوائرنمينٽل ۽ ريسيٽلمينٽ يونٽ (ERU) جوڙيو آهي. جنهن ۾ سماجي، ماحولياتي، ٻيهر آبادڪاري، جينڊر ۽ پورهيتن جي مامرن جا ماهر شامل آهن. اهو يونٽ نه صرف ESMPs جي نگراني ڪندو بلڪه ان جي تياري، عملدرآمدي ۽ رههنمائي پڻ سندس حوالي هوندي. اهو يونٽ هر ذيلي منصوبي جي ESMPs لاءِ ٻاهران الڳ صلاحڪار

مقرر ڪندو. جيڪي ٽيڪنيڪي بنيادن تي ESMPs جي منظوري ڏيندا ۽ انهن تي عمل درآمد ڪرائيندا.

منصوبي لاءِ سڀني گهربل شين، ڪمن، غير صلاحڪاري سروسز ۽ صلاحڪاري سروسز لاءِ جيڪو خرچ پکو ڪيو ويندو اهو ورلڊ بئنڪ جي IPF بابت پريڪريومينٽ ريگيوليشن تحت ڪيو ويندو جيڪو جولاءِ 2016 تي پڌرو ڪيو ويو هو

منصوبي جي ايراضي ۾ 5 اهڙيون عمارتون آهن، جيڪي سنڌ ڪلچرل هيريٽيج پرزرويشين ايڪٽ 1994 تحت سنڌ سرڪار پاران “پروٽيڪٽيڊ هيريٽيج” تحت ڊڪليئر ٿيل آهن. انهن ۾ اين اي ڊي سٽي ڪئمپس، وڪٽوريه ميوزيم(جيڪا هاڻي سپريم ڪورٽ جي عمارت آهي.) ڊي جي ڪاليج، برنس گارڊن ۽ ڊي جي ڪاليج ايڪسٽينشن شامل آهن

سنڌ جا ڪيترائي فزيڪل ڪلچرل ريسورسز پڻ انٽيڪيوٽيز ايڪٽ 1975 تحت چونڊيل آهن، جنهن هيٺ انهن جو تحفظ لازمي آهي. قانون تحت پاڪستان ۾ اهڙي ڪنهن به آرڪيالاجيڪل سائيٽ جي 200 فٽ چوڌاري واري علائقي ۾ ڪابه تعمير نٿي ڪري گهجي. ڪراچيءَ ۾ اهڙا 8 هنڌ آهن، جيڪي انٽيڪيوٽيز ايڪٽ 1975 تحت مخصوص ڪيل آهن، پر اهي سڀئي ذيلي منصوبي وارن هنڌن کان 200 فوٽن کان وڌيڪ فاصلي تي آهن. انهن جا تفصيل هتي ڏجن ٿا

انٽيڪيوٽيز ايڪٽ 1975 تحت مخصوص ڪيل هنڌ
فوٽن ۾ مفاصلوهنڌ جو نالوسیریل نمبر
4,708وزير مينشن، قائداعظم جي ڄم جو هنڌ بندر ڪوارٽرس کارادر ڪراچي1
82,960چوڪنڊي جو قبرستان، لانڍي ويجهو نيشنل هاءِ وي ڪراچي2
91,700لاکو شيخ(بلوچ) قبرستان کرکرو ڪراچي3
 1,240خالق ڏنو هال ۽ لائبريري، ايم اي جناح روڊ ڪراچي4
4,168فريئر هال ڪراچي5
3,698فليگ اسٽاف هائوس(قائداعظم جو مقبرو)ڪراچي6
9,954قائداعظم محمد علي جناح جو مقبرو، ڪراچي7
169,810ڄام بجار جو قلعو يا ڀنڀور، ميرپور ساڪرو، ڪراچي8

هن منصوبي سان ماحوليات جي بهتري، بنيادي ڍانچي جي بهتر تبديلي ۽ سماجي اڳڀرائي ٿيندي جنهن سان علائقي واسين جو معيار زندگي بهتر ٿيندو. هن سان اڳ ئي موجود ثقافتي، سماجي ۽ تفريحي شين جي نئين نموني سازي ڪري کين وسيع ڪيو ويندو، نتيجي طور هڪ سٺو ماحول سامهون ايندو، ڇاڪاڻ ته هن سان اسٽرڪچر بدران جڳهه وڌائي ويندي

Close Menu